Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

ننڍپڻ شريف ۾ گفتگو ڪيائون!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام کي هنج ۾ کڻي بني اسرائيل جي ڳوٺ ۾ آئي ته قوم پاڻ (رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا) تي مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ! بدڪاري جي تهمت هنئي ۽ ماڻهو چوڻ لڳا ته اي مريم! تو اهو برو ڪم ڪيو، جڏهن ته توهان جي والد ۾ ڪا خرابي نه هئي ۽ توهان جي امڙ به بدڪار نه هئي، بنا مڙس جي تو کي پٽ ڪيئن پيدا ٿيو؟ جڏهن قوم گھڻا طعنا ڏنا ۽ برو ڀلوچيو ته حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ارشاد فرمايائون؛ توهان هن ٻار کان سڀ ڪجھ پڇي وٺو، ته ماڻهن چيو اسان هن ٻار کان ڇا ۽ ڇو ۽ ڪيئن گفتگو ڪنداسين؟ هي ته اڃا ٻار آهي، قوم جي اها ڳالھ ٻڌي حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام بيان شروع ڪري ڏنو، جنهن جو ذڪر الله تعالٰي قرآن شريف ۾ ائين بيان فرمايو آهي؛

قَالَ اِنِّیْ عَبْدُ اللّٰهِ ﳴ اٰتٰىنِیَ الْكِتٰبَ وَ جَعَلَنِیْ نَبِیًّاۙ(۳۰)وَّ جَعَلَنِیْ مُبٰرَكًا اَیْنَ مَا كُنْتُ۪-وَ اَوْصٰنِیْ بِالصَّلٰوةِ وَ الزَّكٰوةِ مَا دُمْتُ حَیًّاﳚ(۳۱)وَّ بَرًّۢا بِوَالِدَتِیْ٘-وَ لَمْ یَجْعَلْنِیْ جَبَّارًا شَقِیًّا(۳۲)وَ السَّلٰمُ عَلَیَّ یَوْمَ وُلِدْتُّ وَ یَوْمَ اَمُوْتُ وَ یَوْمَ اُبْعَثُ حَیًّا(۳۳) (پ 16، مريم؛30 تا 33)

ترجموڪنزالايمان ٻار فرمايو مان آهيان الله جو ٻانهو، ان مون کي ڪتاب ڏنو ۽ مون کي غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ (نبي) ڪيائين ۽ ان مون کي برڪت وارو ڪيو، مان ڪاٿي به هجان ۽ مون کي نماز ۽ زڪوٰة جي تاڪيد فرمايائين جيستائين جيئرو هجان، ۽ پنهنجي ماء سان چڱو سلوڪ ڪندڙ ۽ مون کي ڏاڍ ڪندڙ ۽ بدبخت نه ڪيائين، ۽ اها ئي سلامتي مون تي جنهن ڏينهن مان پيدا ٿيس ۽ جنهن ڏينهن مران ۽ جنهن ڏينهن جيئرو اٿاريو وڃان۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهو حضرت سيدنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جو معجزو آهي جو پيدا ٿيندي ئي فصيح زبان ۾ اهڙي جامع تقرير ڪئي، هن تقرير ۾ سڀ کان پهريان پاڻ کي خدا جو ٻانهو چيو، ته جيئن ڪو ان کي خدا يا خدا جو پٽ نه چئي سگھي، ڇوته ماڻهو آئينده اوهان تي تهمت لڳائڻ وارا آهن ۽ اها تُهمت  الله تعالٰي تي لڳندي هئي، انهيءَ ڪري اوهان جي منصبِ رسالت جو