Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

دَرَجن) ۾ فَرق آهي۔ بَعض جا رُتبا بَعض کان اَعليٰ آهن۔ سڀني کان وڏو رُتبو اسان جي آقا ۽ مَوليٰ، سَيدُ الاَنبِيا، محمدِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آهي۔ رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خَاتَمُ النَّبِيين (سڀني کان آخِري نَبِي) آهن۔ الله تعالٰي نَبُوَّت جو سِلسِلو حُضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خَتم ڪيو آهي۔ حُضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوءِ ڪنهن کي نَبُوَّت نٿي ملي سگھي۔ جيڪو شخص پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوءِ ڪنهن کي نَبُوَّت ملڻ جائز سمجھي اهو اِسلام جي دائري مان نڪري ويندو آهي. (ڪتاب العقائد ،ص۱۵تا۱۷،بتغير)

اچو! اڄ اسان الله عَزَّوَجَلَّ جي نَبين مان هڪ نهايت ئي مُحتَرَم ۽ مُڪرّم نَبي حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مُبارَڪ زِندَگي جا ڪجھ اِيمان اَفروز واقِعا ۽ سندن مُعجِزن جي باري ۾ ٻڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪنديون سين پر ان کان اڳ ۾ سندن عَلَيۡه السَّلَام جو تَعَارُف ۽ سندن فضيلتون ٻڌون ٿيون، جيئن

حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جو تعارُف

حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام مُبارَڪ نالو عيسيٰ، اِبنِ مَريم سندن ڪُنيت آهي۔ (تذڪرة الانبياء، ص۶۵۸) ڪلِمَةُ الله  (بغير پيءُ جي واسطي جي محض الله پاڪ جي ڪلمه ڪُن سان پيدا ٿيڻ وارا)، مَسِيح (ڇهڻ سان شفا ڏيڻ وارا) وَجِيہ، ( قدر ۽ منزلت رکڻ وارا)، مُقَرَّب ( الله ڪريم جو قرب پائڻ وارا) ۽ صَالِح ( نيڪ ٻانهو) سندن جا لقب آهن. (تذڪرة الانبياء، ص۶۵۵) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي پياري نبي، مڪي مَدَني صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جي شان ۽ عظمت کي انتهائي شاندار انداز ۾ بيان فرمايو آهي ۽ قيامت جي ويجھو پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي تشريف آڻڻ ۽ ان جي نشانين کي به بيان فرمايو آهي۔اچو! بَرَڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ 3 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون، جيئن

اِرْشاد فرمايائون: مان پنهنجي پيءُ حضرت اِبراهيم عَلَيۡه السَّلَام جي دُعا آهيان ۽