Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

محسوس ٿيڻ لڳي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ پنهنجائپ واري سوچ ان کي پهريون ڀيرو 1985جي سالاني سنتن ڀري اجتماع جي خصوصي نِشست ۾ شرڪت ڪرڻ تي اڀاريو. تنهنڪري اها به اسلامي ڀينرن سان گڏ اجتماع ۾ شريڪ ٿي جتي انهن پردي ۾ رهي ڪري سنتن ڀري اجتماع ۾ ٿيڻ وارو بيان ٻڌو ۽ رقّت انگيز دعا گهري، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان ان کي گناهن کان توبهه ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، آخرت جي فڪر ملي،جنهن تي استقامت حاصل ڪرڻ لاءِ ان مدني انعامات تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. مدني انعامات جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان کي چل مدينه جي سعادت به ملي وئي . (اسلامي ڀينرن جي نماز،ص290)۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي مُبارَڪ زِندگي جي روشن پهلوئن مان هڪ روشن تَرين پهلو هي به هو ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جون پاڪيزه نِگاهون اسان وانگر خاميون ۽ عيب ڳولڻ ۾ مشغول نه رهنديون هيون جو اسان کي ته جاندار يا بي جان شين ۾ خامِيون ۽ عيب ۽ نقص جي عِلاوه ڪجھ نظر ئي ناهي ايندو۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ته اهي عظيم پيغمبر هئا جو بي زبان جانورن جي باري ۾ به بُري ڳالھ کان هميشه پنهنجي زبان کي مَحفوظ رکندا هئا، جيئن ته:

مئل ڪتّي جي بُرائي کان به بچو

   شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت حضرت علّامه مَولانا ابُو بِلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تَصنِيف ”غِيبَت جون تَباھ ڪارِيون صَفحي نَمبر 275 تي فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا مالِڪ بِن دِينار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هڪ مُئل ڪتي وٽان وٽان لنگهيان ته حوارين عرض ڪيو ته “هي ڪُتو ڪيترو ته بدبودار آهي! حضرت سيّدنا عِيسيٰ روحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام فرمايو ته ان جا ڏند  ڪيترا ته اڇا آهن؟