Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اسان به پنهنجي اَندر فِڪرِ آخِرت جو جَذبو محسوس ڪيون ٿيون؟ الله تعالٰي اسان کي اهڙي طرح فِڪرِ مَدِينه ڪرڻ ۽ سُنّتن ڀرين اِجتِماعن ۽ مدني مذاڪرن ۾ پابندي سان حاضِر ٿي الله وارن جو تَذڪرو ڪندي ۽ ٻُڌندي رهڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي ته جيئن ان جي بَرَڪت سان اسان باعمل بڻجي وڃون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي والِده ماجِده رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا هڪ باڪرَامَت وَلِيّه هيون ۽ الله تعالٰي اُنهن کي به ڪئي خاصِيتن (Specialities) کان نَوازيو هو۔ اچو! اسان به ان عظيم ماءُ جو مُختَصَر تَعَارُف ٻڌون ٿيون، جيئن ته:

حضرت سَيدُنا عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جي والِدھ جو تعارُف

حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي والِده جو نالو حضرت مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا آهي، مَريم جي معنيٰ عابِده ۽ خادِمه آهي۔ (تفسير بغوي، اٰل عمران،تحت الآية:۳۶،۱/۲۲۷) حضرت مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي والِد جو نالو عِمرَان ۽ والِده جو نالو حَنَّہ (رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُما) هو۔ (عجائبُ القران مع غرائب القران،ص۶۵) حضرت مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا مادَر زاد وَلِيّه هيون۔ (صراط الجنان،۱۰/۶۰۵)حضرت مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي علاوه ڪنهن عَورَت جو نالو قُرآنِ ڪرِيم ۾ ناهي آيو۔(صراط الجنان،۱۰/۲۳۱) حضرت مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جَنّتي عَورَتن جون سَردار آهن، جيئن رَسُولُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جَنّتي عَورَتن جون سَردار چار (4) عَورَتون آهن: (1) مَريم (2) فَاطِمَه (3) خَدِيجه ۽ (4) آسِيه (رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهنَّ اَجْمَعِين)۔ (كنز العمال،ڪتاب الفضائل، الفصل الثالث فى جامع مناقب النساء،۱۲/۶۵،حديث: ۳۴۴۰۱)

اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت مَوْلانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: سَيدُنا عيسٰي ڪلِمَة الله عَلٰى نَبِينَا الْکَرِيم وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالتَّسْلِيم جي وِلادت کان پوءِ به حضرت بَتُول، طَيبَه، طاهره سَيدَتُنا مَريم (رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا) بِڪر (ڪنواري) هيون، بِڪر (ڪنواري) ئي رهيون ۽ بِڪر (ڪنواري) ئي اٿنديون ۽ بِڪر (ڪنواري) ئي جَنَّتُ النَّعِيم ۾ داخِل ٿينديون ايستائين جو حُضور پُرنُور، سَيدُالمُرسَلِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وَعَلَيهمْ اَجْمَعِين