Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

برڪت سان نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان نيڪين ڀريو ماحول ملي ويندو آهي ٭اعتڪاف جي برڪت سان مسجد ۾ دل لڳائڻ جي عادت بڻجندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان شبِ قدر نصيب ٿيندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان تراويح ۾ شرڪت آسان ٿي ويندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان دل کي قرار ۽ سڪون نصيب ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان آئنده زندگيءَ ۾ گناهن کان بچڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان آئنده زندگي شريعت جي مطابق گزارڻ جو ذهن بڻجندو آهي. ٭ الغرض عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت ڪيو ويندڙ اعتڪاف دين ۽ دنيا جي ڪيترن ئي فائدن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري ماههِ رمضان المبارڪ جون خوب برڪتون ماڻڻ، بيشمار نيڪيون ڪرڻ جي لاءِ پاڻ به گهرن ۾ اعتڪاف ڪيو ۽ پنهنجي محرمن کي به  عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت ٿيڻ واري پوري ماههِ رمضان يا آخري عشري جي اعتڪاف جي ترغيب ڏيو.

اچو! اعتڪاف ڪرڻ جي فضيلتن تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون:

فرمايائون: مَنِ اعْتَکَفَ فِیْ رَمَضَانَ يعني جنهن رمضان المبارڪ ۾ (ڏهن ڏينهن جو) اعتڪاف ڪري ورتو کَانَ کَحَجَّتَیْنِ وَعُمْرَتَیْن اهو ائين آهي ڄڻ ٻه حج ۽ ٻه عمره ڪيائين.

 (شعب الایمان،۳/ ۴۲۵، حدیث۳۹۶۷ ملخصاً )

فرمايائون: مَنِ اعْتَکَفَ اِیْـمَانًا وَّاِحْتِسَابًا يعني جنهن شخص ايمان سان گڏ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو غُـفِـرَ لَہ ٗ مَاتَـقَدَّمَ مِنْ ذَنْـبِـہٖ  ان جا تمام پٺيان گناهه بخشيا ويندا.

(جامع صغیر ص۵۱۶،حدیث۸۴۸۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)