Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هلندڙ دور ۾ عاشقانِ رسول جي  مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مهڪندڙ مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. هن مدني ماحول ۾ جتي فرض ۽ واجب تي عمل جي ترغيب ڏياري ويندي آهي اتي ئي بزرگانِ دين جو ادب ۽ احترام دل ۾ رکڻ جي به تعليم ڏني ويندي آهي. اوهان به دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ جيترو ٿي سگهي ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت جي سعادت حاصل ڪنديون رهو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اعتڪاف جون برڪتون ماڻيو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ماههِ رمضان جو استقبال ۽ ان جو اڪرام(عزت ۽ احترام) ڪرڻ جي متعلق ٻڌي رهيون هيون سين، ماههِ رمضان جو اڪرام(عزت ۽ احترام) ڪرڻ ۽ ان جون برڪتون حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو اعتڪاف ڪرڻ به آهي. اعتڪاف ڪرڻ حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت آهي. هڪ ڀيري حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري ماههِ رمضان جو به اعتڪاف ڪيائون. جيئن ته

حضرت سيدنا ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڀيري حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهرين 1 رمضان کان 20 رمضان تائين اعتڪاف ڪرڻ کان پوءِ ارشاد فرمايائون: مون شبِ قدر جي تلاش جي لاءِ رمضان جي پهرين عشري جو اعتڪاف ڪيو، پوءِ درمياني عشري جو اعتڪاف ڪيو، پوءِ مون کي ٻڌايو ويو ته شبِ قدر آخري عشري ۾ آهي، تنهنڪري توهان مان جيڪو شخص مون سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ چاهي اهو ڪري وٺي. (مسلم، کتاب الصیام،ص۴۵۷،حدیث۲۷۶۹)

اعتڪاف جون برڪتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿي سگهي ته اسان پاڻ به پنهنجي گهرن ۾ اعتڪاف جي ترڪيب بڻايون. هن مهيني ۾ اعتڪاف جا کوڙ فائدا آهن. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان درست نماز پڙهڻ سکي سگهجي ٿي. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان گناهن کان بچي سگهجي ٿو٭ اعتڪاف جي برڪت سان نمازن جي پابندي نصيب ٿيندي آهي. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان هر وقت نماز جي انتظار جو ثواب حاصل ڪري سگهجي ٿو ٭ اعتڪاف جي برڪت سان عبادت ڪرڻ جا ڪيترا ئي موقعا ملندا آهن. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان عاشقانِ رسول سان گڏ اٿڻ ويهڻ نصيب ٿيندو آهي. ٭ اعتڪاف جي