Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (رمضانُ المبارڪ ۾) مسجدن کي  قرآن سان منوَّر ڪيو۔ (فيضان فاروق اعظم،۱/۷۳۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 رمضان ڪيئن گذارجي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان کي گھرجي ته اسان به هن مقدَّس مهيني کي عظيم الشان طريقي سان خوش آمديد چوڻ جي تياري شروع ڪريون، ان کي فضوليات ۽ غفلت ۾ گذارڻ بدران اخلاص سان نيڪ عمل ڪري گذاريون. فرض ۽ واجب ته هميشه ادا ڪرڻا آهن پر هن مهيني ۾ اسان کي انهن سان گڏوگڏ سنتن ۽ مستحبن تي به عمل ڪرڻ گھرجي۔ نفلن جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي۔ هر گھڙيءَ کي ذڪر و اذڪار ۾ گذارڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ روزانو ڪجھ نه ڪجھ تلاوتِ قرآن ڪرڻ گھرجي۔ خوب خوب صدقي ۽ خيرات ۾ حصو ملائڻ گھرجي۔ تهجد ۽ اشراق ۽ چاشت  جا نفل ادا ڪرڻ گھرجن۔ غريبن ۽ مسڪينن جي حسبِ استطاعت مدد ڪرڻ گھرجي۔ رات جو جاڳي عبادت ۾ گذارڻ ۽ توبهه ۽ استغفار جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ درود ۽ سلام جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي۔ خاص طور تي رمضان ۾ ٿيندڙ  مدني ڪمن ۽ رمضان المبارڪ جي روزانو ٻن مدني مذاڪرن ۾ شروع کان آخر تائين ڏسڻ جي ترڪيب ڪرڻ گھرجي۔ مدني چينل تي نشر ٿيڻ وارا فيضانِ رمضان سان مالامال سلسلا ڏسڻ جهڙين نيڪين ۾ مشغوليت جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ مطلب ته هن مهيني ۾ اسان کي هر ان نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ وقت گذارڻ گھرجي جنهن ۾ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي رِضا هجي۔

 اي ڪاش! جو اسان گناهگارن جي ناقص عقل ۾ به رمضانُ المبارڪ جي اهميت راسِخ ٿي وڃي ۽ اسان به هن مهيني ۾ نيڪيون گڏ ڪري پنهنجو پاڻ کي جهنَّم کان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، اچو! هن عظيمُ الشَّان مهيني جي اهميت ۽ فضيلت  پنهنجي دل ۾ وڌائڻ ۽ هن مهيني ۾ نيڪين جو جذبو وڌائڻ جي نِيت سان 2  ارشاداتِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻڌو ۽ هاڻي کان ئي نيڪيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو۔