Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

بهترين مهينا

 ٭ارشاد فرمايائون: توهان وٽ اهڙو مهينو آيو آهي جنهن کان بهتر ڪو مهينو مؤمنن وٽ ناهي آيو ۽ منافقن تي هن کان سخت مهينو ڪوبه ناهي ۽ بي شڪ الله پاڪ هن جي نفلن ۽ ان جي ثواب کي شروع ٿيڻ کان پهريان لکي ڇڏيندو آهي ۽ ڪو شڪ ناهي ته مؤمن جي اندر هن مهيني ۾ عبادت جي قوت موٽائي ويندي آهي ۽ منافق ۾ غفلت، مؤمن جي لاءِ هي مهينو غنيمت ۽ منافق جي لاءِ ٻوجھ آهي۔   (شعب الايمان،باب في الصيام، فضائل شهر رمضان،۳/۳۰۴، حديث: ۳۶۰۷)

ڪاش! سڄو سال رمضان ئي هجي

٭ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن ماڻهن کي معلوم هجي ها ته رمضان ڇا آهي ته منهنجي امت تمنا ڪري ها ته ڪاش! سڄو سال رمضان ئي هجي۔

(ابن خزيمه،۳/۱۹۰،حديث:۱۸۸۶)

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 رمضان شريف ۽ مسلمان

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!رمضان جي شان ۽ عظمت ٻين مهينن جي مقابلي ۾  تمام گھڻي آهي، سعادت مند اسلامي ڀينرون هن مهيني جي ايندي ئي نيڪ ڪمن ۾ مشغول ٿي وينديون آهن، نماز روزي جي پابندي شروع ڪري ڏينديون آهن، شوقِ تلاوت ۽ ذوقِ عبادت وڌي ويندو آهي، صدقي ۽ خيرات سان غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪئي ويندي آهي، انفرادي ۽ اجتماعي عبادتن جو سلسلو وڌي ويندو آهي، ان جو سبب هي  آهي ته اهو ئي هي  مهينو آهي  جنهن ۾ عبادتن جو اَجر ۽ ثواب ڪيئي ڀيرا وڌايو ويندو آهي.

حضرتِ سيّدُنا ابراهيم نخعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: رمضان جي مهيني ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ هڪ هزار (1000) ڏينهن جي روزن کان افضل آهي، ۽ رمضان جـي مهيني ۾ هڪ ڀـيرو تسبيح ڪرڻ (يعني سبحٰن الله چوڻ) هن مهيني کان علاوه هڪ هزار (1000) ڀيرا تسبيح ڪرڻ (يعني سبحٰن الله چوڻ) کان افضل آهي ۽ رمضان جي مهيني ۾ هڪ رڪعت پڙهڻ رمضان جي علاوه هڪ هزار (1000) رڪعتن کان افضل آهي۔ (درمنثور،۱ /۴۵۴)