Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

روزي جي نيت جا مدني گل

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو! ماههِ رمضان ۽ ان ۾ روزي رکڻ جي فضيلتن جي متعلق ڪجهه مدني گل ٻڌون ٿيون:

پهريان ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: فرمايائون: (1) روزو عبادت جو دروازو آهي. (الجامع الصغیرص۱۴۶حدیث۲۴۱۵)  (1) فرمايائون پنج ئي نمازون، ۽ جمعو ايندڙ جمعي تائين ۽ ماههِ رمضان ايندڙ ماههِ رمضان تائين گناهن جو ڪفارو آهن جيستائين ڪبيره گناهن کان بچو وڃي. (صحیح مسِلم ص ۱۴۴حدیث۲۳۳) روزو باطني عبادت آهي، ڇو جو اسان جي ٻڌائڻ جي بغير ڪنهن کي اهو علم نه ٿو ٿي سگهي ته اسان جو روزو آهي ۽ الله پاڪ باطني عبادت کي گهڻو پسند فرمائيندو آهي. (فیضانِ رمضان، ص۸۴۸) هر مهيني ۾ خاص تاريخون ۽ تاريخن ۾ به خاص وقت ۾ عبادت ٿيندي آهي. مثال طور عيد الاضحٰي جي چند (مخصوص) تاريخن ۾ حج، محرم جي ڏهين تاريخ افضل، پر ماههِ رمضان ۾ هر ڏينهن ۽ هر وقت عبادت ٿيندي آهي. روزو عبادت، افطار عبادت، افطار کان بعد تراويح جو انتظار عبادت تراويح پڙهي ڪري سحري جي انتظار ۾ سمهڻ عبادت، پوءِ سحري ڪرڻ به عبادت الغرض: هر لمحي ۾ الله پاڪ جو شان نظر اچي ٿو. (فیضانِ رمضان، ص۸۶۰) رمضان هڪ بٺي آهي جيئن بٺي گندي لوهه کي صاف ۽ صاف لوهه کي مشين جو پرزو بڻائي قيمتي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سون کي زيور بڻائي استعمال جي لائق ڪري ڏيندي آهي، ائين ئي ماههِ رمضان گنهگارن کي پاڪ ڪندو ۽ نيڪ ماڻهن جا درجا وڌائيندو آهي. (فیضانِ رمضان، ص۸۶۱) رمضان ۾ کائڻ پيئڻ جو حساب ناهي. قيامت ۾ رمضان ۽ قرآن روزيدار جي شفاعت ڪندا جو رمضان ته چوندو: مولٰي! مون هن کي ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ کان روڪيو هو ۽ قرآن عرض ڪندو ته يا ربّ! مون هن کي رات ۾ تلاوت ۽ تراويح جي ذريعي سمهڻ کان روڪيو. قرآنِ ڪريم ۾ صرف رمضان شريف ئي جو نالو ورتو ويو ۽ انهيءَ جا فضائل بيان ٿيا. ڪنهن ٻي مهيني جو نه صراحةً نالو آهي نه اهڙا فضائل. (فضائل رمضان، ص۸۶۲)    

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد