Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

پڙهائيندا هئا ۽ ظهر کان بعد تجويد ۽ قراءت سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙهائيندا هئا. )بہجۃ الاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً ( اسان جي غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو سندن ڪرامت واري هٿن تي 500 کان وڌيڪ غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ڌاڙيلن، چورن، فاسقن ۽ وڏن وڏن گناهه ڪرڻ وارن توبهه ڪئي. (بہجۃالاسرار،ذکروعظہ،ص۱۸۴)

اسان جي غوث پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ علم جا سمنڊ هئا، شيخِ طريقت، امير اهلسنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڇا نه خوب فرمائن ٿا:   

نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم                                       اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم

میرے مرشِد مری سرکار ہیں غوثِ اعظم                       میرے رہبر مرے غمخوار ہیں غوثِ اعظم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!الله پاڪ اسان کي بزرگن ۽ خاص ڪري سرڪارِ غوثِ اعظم  جي فيضان سان مالا مال فرمائي. سندن ولادت رمضان جي پهرين تاريخ تي ٿي، انهيءَ مناسبت سان اسان سندن جو ذڪرِ خير به ڪيو. 

امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ذڪر

هڪ ٻيو الله جو ولي، زبردست عالم، تمام وڏو محدث، چوڏهين صديءَ جو شيخِ ڪامل، عاشقِ رسول حضرت سيدنا شيخ امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو يومِ وصال 2 رمضان آهي، الله پاڪ انهن جي فيض ۽ برڪتن سان به اسان کي مالا مال فرمائي. حضرت سيدنا امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفيد ڏاڙهي وارا نوراني بزرگ هئا. ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   پنهنجي دور جي هم عصرن ۾ ڪيئي سببن جي ڪري ممتاز هئا، ٭ امام نبهاني عظيم ليکڪ اديب هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سنتِ نبوي جا عاشق ۽ عشقِ مصطفٰي جي حقيقي تصوير هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  سٺ کان به وڌيڪ علمي ۽ فڪري ڪتابن جا مصنف ۽ قادر الڪلام شاعر هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   جو وصال 1350 هجري ۾ ٿيو ۽ سندن کي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. (جامع کراماتِ او لیاء، ص   تا ۶۸)

الله ڪريم پنهنجي نيڪ ٻانهن جي صدقي اسان کي به نيڪ بڻائي.آمين

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد