Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

انهيء حال ۾ اُٿاريو ويندو جنهن تي موت آيو هوندو۔ (احیاء العلوم (مترجم)، جلد:1، صفحہ:507)

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن جي زِندگي نيڪين ۾ گذرندي آهي ۽ انهن کي موت به نيڪيون ڪندي ئي ايندو آهي، جيڪي سجدي جي حالت ۾ دُنيا مان ويندا آهن، جيڪي تلاوت ڪندي دُنيا مان ويندا آهن، جيڪي نعتون پڙهندي دُنيا مان ويندا آهن، جن کي موت نيڪي جي دعوت ڏيندي ايندو آهي، جن کي موت عِلمِ دين سکندي ايندو آهي، جن کي موت راھ خُدا ۾ سَفَر ڪندي ايندو آهي ۽ سُبحٰنَ الله! هو ڪيترا خوش نصيب آهن جو موت جي وقت جن جي چپن تي مُرڪ اچي ويندي آهي، جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت شامِل رهي ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! قيامت جي ڏينهن انهن کي انهيء حال ۾ اُٿاريو ويندو پر هاءِ! ڪيترا بدنصيب آهن اهي ماڻهو جن کي گُنَاھ ڪندي موت ايندو آهي۔

هن مان اهي ماڻهو عِبرت حاصِل ڪن جيڪي شراب پيئن ٿا، جيڪڏهن خدانخواسته شراب پيئندي يا هن حال ۾ جو ناپاڪ شراب پيٽ ۾ موجود هجي ۽ موت اچي ويو ته ڇا ٿيندو؟ خدانخواسته جيڪڏهن ڳائڻ وڄائڻ، فلمون ڏسندي موت اچي ويو ته ڇا ٿيندو؟ جيڪي وياجي ڪاروبار ڪن ٿا يا ڪنهن طرح جي وياج وارن مُعَاملن ۾ مُلَوِّث ٿين ٿا اهي غور ڪن: جيڪڏهن انهيء حال ۾ موت اچي ويو ته ڇا ٿيندو؟ ناپ تور ۾ ڪمي ڪرڻ وارا، ماڻهن جون حق تلفيون ڪرڻ وارا، ٻين جي جائيداد تي ناجائز قبضو ڪرڻ وارا، ڪوڙا قسم کڻڻ وارا، ڪوڙ ڳالهائڻ وارا، غيبت ڪرڻ وارا، چغليون هڻڻ وارا، جھيڙو جھٽو ڪرڻ وارا، ٻين کي وڙهائڻ وارا، محبتون ختم ڪرڻ وارا، بي نمازي، روزو نه رکڻ وارا، فرض هئڻ جي باوُجُود زڪوٰة نه ڏيڻ وارا، نيڪين کان پاسو