Mosam Sarma Ki Barkat

Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

(بخاری،کتاب:المغازی،باب :حدیث الافک،صفحہ:1037 ،حدیث:4141) * غزوهءِ اَحزاب، جنهن کي غزوهءِ خندق پڻ چيو ويندو آهي، هي سخت سردين جي موسم ۾ پيش آئي، لهٰذا امام جلال الدّين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: غزوهءِ احزاب جي باري ۾ جيتريون به آيتون آهن سڀ سردين ۾ ئي نازل ٿيون (الاتقان،النوع الرابع :الصیفی و الشتائی،صفحہ:39) * ايئن ئي سورة احزاب جي آيت: 9 به سردين ۾ نازل ٿي، بهرحال الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اذۡکُرُوۡا نِعۡمَۃَ اللہِ عَلَیۡکُمۡ  اِذۡ جَآءَتۡکُمۡ جُنُوۡدٌ  فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ رِیۡحًا وَّ جُنُوۡدًا لَّمۡ تَرَوۡھَا ؕ       وَ کَانَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرًا ۚ(۹(سيپارو:21، سورة احزاب: آيت: 9)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪيو جڏهن توهان تي ڪجھ لشڪر آيا سو اسان انهن تي طوفان ۽ اهي لشڪرَ موڪليا جيڪي توهان کي نظر نه آيا الله توهان جي ڪمن کي ڏسي رهيو آهي.

 غزوهءِ احزاب جي موقعي تي الله پاڪ طوفان موڪليو، جنهن ڪافرن جو تمام گهڻو نقصان ڪيو ۽ ان غزوه ۾ ملائڪ پڻ لٿا، ان آيتِ ڪريمه ۾ انهيءَ نعمت کي ياد ڪرڻ ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه پيارا اسلامي ڀائرو! سردين جي موسم ۾ آيت نازل ٿي ۽ ان ۾ مسلمانن کي الله پاڪ جي نعمت ياد ڪرڻ ۽ ان تي شڪر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڪاش! اسان به الله پاڪ جا شڪر گذار ٻانها بڻجون، سردي هجي يا گرمي هجي، خزان هجي يا بهار هجي، بَس پنهنجي ربّ ڪريم جي حضور مٿو جهڪايون، خوب دل لڳائي ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت    رہوں  بَاوُضو  میں  سدا  یاالٰہی!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:102(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد