Mosam Sarma Ki Barkat

Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

معيشت جا اصول ٺاهيائين، ٻين ملڪن جي بادشاهن سان رابطا ڪري قريش جي لاءِ تجارت جون واٽون هموار ڪيائين، الله پاڪ قريش جي دل ۾ تجارت جي رغبت پيدا فرمائي، ايئن هي ماڻهو سال ۾ 2 ڀيرا: گرمين ۾ ملڪِ شام جي طرف ۽ سردين ۾ يمن جي طرف تجارتي قافلا وٺي روانا ڪرڻ لڳا هي جتي به ويندا هُئا، ڪعبي شريف جا پاڙي وارا هجڻ جي برڪت سان ماڻهو انهن سان عزت ۽ احترام سان پيش ايندا هُئا، انهن جي تعظيم ڪندا هئا. انهن تجارتي سفرن جي برڪت سان قريش جا ڏينهن مَٽجي ويا، انهن جا معاشي حالات بهتر ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي ماڻهو مالدار ٿيندا هلندا ويا.

 )تفسیر در منثور،پارہ:30 ،سورۂ قریش،زیرِ آیت:1 تا 3 ،جلد:8 ،صفحہ:634 تا 635 ملخصًا(.

 يقيناً هي الله پاڪ جو وڏو ڪرم هو، هي بکايل هئا، الله پاڪ انهن تي رزق جا دروازا کوليا، هي بي سروسامان هئا، الله پاڪ انهن جي لاءِ واپار جون واٽون کوليون. جيئن ته جڏهن الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبوت جو اعلان فرمايو ته الله پاڪ قريش کي هيءُ ئي انعام ياد ڏياريو، ارشاد ٿيو:

لِاِیۡلٰفِ قُرَیۡشٍ ۙ(۱) اٖلٰفِہِمۡ  رِحۡلَۃَ  الشِّتَآءِ  وَ الصَّیۡفِ ۚ(۲) فَلۡیَعۡبُدُوۡا  رَبَّ ھٰذَا الۡبَیۡتِ ۙ(۳)

(سيپارو: 30، سورة قريش، آيت: 1 کان 3)

ترجموڪنزالعرفان:قريش کي الفت ڏيارڻ جي سبب انهن کي سردي ۽ گرمي ٻنهيءَ جي سفر کان مانوس ڪرڻ جي سبب پوءِ انهن کي هن گهر جي ربّ جي عبادت ڪرڻ گهرجي.

 يعني قريش بکايل هئا، الله پاڪ انهن کي رزق ڏنو، هي بي سرو سامان هئا، الله پاڪ انهن جي لاءِ تجارت آسان فرمائي، انهن جي دلين ۾ تجارت جي رغبت وڌي، هاڻي انهن کي گهرجي ته انهن نعمتن جو شڪر ادا ڪن، ڪفر ڇڏي ڏين، شرڪ کان توبھ ڪن ۽ ڪعبي شريف جي ربّ يعني هڪ الله وَحْدَہٗ