Book Name:Maut Ka Akhri Qasid
اڳتي موڪليو هوندو آهي ۽ جيڪو ڪجھ هو پوئتي ڇڏي ويندو آهي ان کان بي نياز هوندو آهي. پوءِ حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اکين تي ڪپڙو رکي ڪري روئڻ لڳا ۽ منبر (Podium) تان هيٺ لهي آيا.[1]
قبر میں آہ! گُھپ اندھیرا ہے روشنی ہو پئے رضا یارَبّ!
سانپ لپٹیں نہ میرے لاشے سے قبر میں کچھ نہ دے سزا یارَبّ!
نورِ احمد سے قبر روشن ہو وَحشَتِ قبر سے بچا یارَبّ![2]
اي عاشقانِ رسول! هي حقيقت آهي، اسان کي وراثت ۾ ملڻ وارو مال عيش ۽ عشرت (Luxury) جو سامان ناهي، عبرت ۽ نصيحت جو باعث آهي. اڄ جوان اولاد والد جي مرڻ کان بعد وراثت جي مال (Inheritance) جي لاءِ وڙهي پوندا آهن، ڀائرن جا جهيڙا ٿيندا آهن ۽ جڏهن وراثت جو مال ملندو آهي ته دل ۾ خوشيون جاڳنديون آهن، عيش ۽ عشرت جو سامان ڪيو ويندو آهي پر افسوس! جيئن والد صاحب پنهنجي زندگي جي ڪمائي، سڄي دولت، جائيداد (Property)، گاڏي بنگلو وغيره سڀ ڪجھ ڇڏي ڪري قبر جي کَڏي (Pit of Grave) ۾ وڃي پهتو، ائين ئي وارثَ به هڪ ڏينهن سڀ ڪجھ هتي ڇڏي ڪري موت جي ننڍ سمهي رهندا، انهن کي به مٽيءَ جا مڻ مٿان ورائي دفن ڪيو ويندو. شُعبُ الايمان ۾ آهي: هڪ نوجوان هو، ان کي وراثت ۾ هڪ گهر مليو، ان گهر کي ٻيهر مضبوط بڻائڻ جو ارادو (Intention) ڪيو، جيئن ته گهر ڪيرايو ويو، نئين طريقي سان ٻيهر اڏاوت (Construction) جو ڪم شروع ٿي