Book Name:Maut Ka Akhri Qasid
دنيا دوکي جو گهر آهي
اي عاشقانِ رسول! هي سچ آهي، موت اچڻو آهي، اسان کي هن دنيا مان سفر جو سامان ٻڌڻو ئي ٻَڌڻو آهي. سيپارو: 4، سورة آلِ عمران، آيت: 185 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
کُلُّ نَفۡسٍ ذَآئِقَۃُ الۡمَوۡتِ ؕ وَ اِنَّمَا تُوَفَّوۡنَ اُجُوۡرَکُمۡ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ فَمَنۡ زُحۡزِحَ عَنِ النَّارِ وَ اُدۡخِلَ الۡجَنَّۃَ فَقَدۡ فَازَ ؕ وَ مَا الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الۡغُرُوۡرِ (۱۸۵) (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران، آيت: 185)
ترجموڪنزالعرفان: هر جان موت جو مزو چکڻ واري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جا اجرَ پورا پورا ڏنا ويندا پوءِ جنهن کي باھ کان بچايو ويو ۽ جنّت ۾ داخل ڪيو ويو ته اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ دنيا جي زندگي ته صرف دوکي جو سامان آهي.
خليفهءِ اعلٰي حضرت، مفتي محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: دنيا جي حقيقت (Reality) هن مبارڪ جملي واضح ڪري ڇڏي، انسان زندگي تي مَست هوندو آهي، انهيءَ کي سرمايو (Capital) سمجهندو آهي ۽ ان فرصت کي اجايو ضايع ڪري ڇڏيندو آهي، آخري وقت ۾ ان کي خبر پوندي آهي ته ان (زندگي) ۾ بقا (Survival) نه هئي، ان کان دل لڳائڻ اُخروي زندگي (Life after death) جي لاءِ سخت نقصان ڪار ثابت ٿيو.[1]
دنیا فانی ہے اَہْلِ دُنیا فانی شہر و بازار و کوہ و صحرا فانی
دِل شاد کریں کس کے نظّارہ سے حسن آنکھیں فانی ہیں، یہ تماشا فانی