Book Name:Maut Ka Akhri Qasid
مومن ۽ منافق جي بيماري ۾ فرق
اسان سڀني جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: بيشڪ مومن جڏهن ڪنهن بيمار ۾ مبتلا ٿئي پوءِ الله پاڪ کيس ان مرض کان شفا ڏي ته اُها بيماري سابقه گناھن جو ڪفّارو ۽ مستقبل ۾ ان جي لاءِ نصيحت ٿي ويندي آهي ۽ منافق جڏهن بيمار ٿي پوءِ ان کي عافيت ملي ته اهو ان اٺ جيان هوندو آهي جنهن کي سندس مالڪ ٻڌي ڪري کولي ڇڏيو هجي ته اهو نه ٿو ڄاڻي ته کيس ڇو ٻَڌو ويو ۽ ڇو ڇڏيو ويو. ماڻهن مان هڪ شخص عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي بيماريون ڇا هونديون آهن؟ خدا جو قسم! مان ته ڪڏهن به بيمار ناهيان ٿيو. ارشاد فرمايائون: اسان کان پَري ٿي وڃ، تون اسان مان ناهين. (يعني اسان جي طريقي تي ناهين)
(ابو داؤد، 3/245، حدیث: 3089)
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت، حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: مومن بيماري ۾ پنهنجي گناھن کان توبھ ڪندو آهي، اهو سمجهندو آهي ته هي بيماري منهنجي ڪنهن گناھ جي سبب آئي آهي ۽ شايد هي آخري بيماري هجي جنهن کان بعد موت ئي ايندو، ان ڪري ان کي شفا سان گڏ مغفرت به نصيب ٿيندي آهي. (جڏهن ته) منافق غافل اهو ئي سمجهندو آهي ته فلاڻي سبب بيمار ٿيو هيُس (مثال طور فلاڻي شيءِ کاڌي هئي، موسم تبديل ٿيڻ جي سبب بيماري آئي آهي، اڄ ڪلھ ان بيماري جي هوا هلي آهي وغيره) ۽ فلاڻي دوا کان مون کي آرام مليو (وغيره وغيره) اسباب ۾ اهڙو ڦاٿل رهندو آهي جو مُسَبِّبُ الْاَسباب (يعني سبب پيدا ڪرڻ واري ربّ قادر ۽ قيوم) تي نظر ئي ناهي