Book Name:Maut Ka Akhri Qasid
(5): ڏينهن جو اچڻ وڃڻ به باعثِ عبرت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏينهن رات جو اچڻ وڃڻ، سج جو اڀرڻ، وري لهڻ، ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن جو گذرندو وڃڻ به موت جا قاصد آهن، ان ۾ به عبرت جو سامان آهي، هاءِ افسوس! اسان ڏينهن ۽ رات جي سوارين تي سوار ٿي ڪري موت جي طرف وڌندا وڃي رهيا آهيون، عنقريب اهو وقت ايندو جڏهن اسان جو سفر مڪمل ٿيندو ۽ اسان پنهنجي منزل يعني قبر تائين پهچي وينداسين. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ اِنَّکَ کَادِحٌ اِلٰی رَبِّکَ کَدۡحًا فَمُلٰقِیۡہِ ۚ(۶) (سيپارو: 30، سورة انشقاق: آيت:6)
ترجموڪنزالعرفان: اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي ربّ جي طرف ڊوڙڻ وارو آهين پوءِ ان سان ملڻ وارو آهين.
* حضرت فَضَيۡل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ شخص کان پڇيو: تنهنجي عُمر ڪيتري آهي؟ چيائين: 60 سال. فرمايائون: 60 سال کان تون الله پاڪ جي طرف سفر ڪري رهيو آهين، عنقريب ان جي بارگاھ ۾ پهچي ويندي[1] * صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: توهان جي زندگي ڏينهن جو مجموعو آهي، جڏهن هڪ ڏينهن گذري ويو ته توهان جي زندگي جو هڪ حصو پورو ٿي ويو.[2] ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: ماڻهو هن دنيا ۾ خوش ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته هتي ڏينهن مهينن کي، مهينا سالن کي، سال زندگي کي گهٽ ڪري رهيا آهن.[3]
تَجِدُ سَرُوْرًا بِالْہِلَالِ اِذَا بَدَاَ وَمَا ہُوَ اِلَّا السَّیْفُ لِلْحَتْفِ یُنْتَضَی
اِذَا قِیْلَ: تَمَّ الشَّہْرُ فَہُوَ کِنَایَۃٌ وَ تَرْجَمَۃٌ عَنْ شَطْرِ عُمْرٍ قَدِ انْقَضَی