Maut Ka Akhri Qasid

Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ڪيترا ڀيرا به ملاقات ٿئي، ڪنهن ڪمري وغيره ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي اتي موجود مسلمانن کي هر ڀيري سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي (4) سلام ۾ اَڳرائي ڪرڻ سنّت آهي (5) سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله ڪريم جو مقرّب (يعني ويجهڙائپ ماڻڻ وارو ٻانهو) آهي (6) سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبّر کان به بَري (يعني آزاد) آهي. جيئن ته منهنجي مڪي مدني آقا، پياري پياري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: پهريان سلام ڪرڻ وارو تڪبّر کان بَري آهي. (7) سلام(۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن (8) اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ (يعني توهان تي سلامتي هجي) چوڻ واري کي 10 نيڪيون ملنديون آهن. گڏوگڏ وَرَحْمَةُاللہِ (۽ الله جي رحمت هجي) به چونداسين ته 20 نيڪيون ٿي وينديون. ۽ وَبَرَکَاتُہٗ (۽ ان جون برڪتون هجن) شامل ڪنداسين ته 30 نيڪيون ٿي وينديون. (9) اهڙيءَ طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَ رَحْمَةُاللہِ  وَبَرَکَاتُہٗ چئي ڪري 30 نيڪيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون (10) سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز ۾ ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي (11) سلام ۽ جواب جو دُرست تَلفّظ ياد فرمائي وٺو. پهريان مان چوان ٿو توهان ٻڌي ڪري دهرايو: اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ (اَسۡ. سَلا.مُ. عَلَيۡ. ڪُم) هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ توهان هن کي پڙهو: وَعَلَیْکُمُ السَّلام (وَ. عَ. لَيۡڪُ. مُسۡ. سَلام).[1]

رضائے حق کے لئے تم سلام عام کرو                سلامتی کے طلب گار ہو سلام کرو

    مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين


 

 



[1]   550سنتیں اور آداب، صفحہ:30-32۔