Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
خليل ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ياد ڏياريندا آهن * حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ياد ڏياريندا آهن * انهن جي پياري امڙ سائڻ حضرت حاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي ياد ڏياريندا آهن * انهن پاڪ هستين ڪهڙي طرح الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪئي * الله پاڪ جي رضا خاطر ڪهڙيون قربانيون پيش ڪيون * ڪهڙيون ڪهڙيون مشقتون کنيون پر الله پاڪ جي اطاعت، ان جي فرمانبرداري ۾ ذري برابر به ڪوتاهي نه ڪئي، هي مبارڪ ڏينهن اسان کي انهن قربانين جي ياد ڏيارين ٿا.
ان سان گڏوگڏ انهن مبارڪ ڏينهن جي هڪ ٻي نهايت خوبصورت اِيمان افروز ۽ عشق ڀري يادگار آهي ۽ اها آهي حَجة الوداع(يعني اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي ظاهري زندگي ۾ آخري حج مبارڪ جنهن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمّت کي اجتماعي طور تي آخري نصيحتون فرمايون ۽ الوداع فرمايو).
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هجرت کان پهريان جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي شريف ۾ هئا، ان وقت هرسال حج فرمائيندا هئا.[1] هجرت کان بعد پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ئي حج ادا فرمايو.[2]
حج فرض هجڻ جو حڪم هجرت جي نائين سال نازل ٿيو، ان سال آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪجھ حڪمتن جي پيش نظر سندن حج نه فرمايو بلڪه پنهنجي نائب جي طور تي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي حج جو امير بڻائي موڪليو.[3] هن ۾ اشارو هيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد پهريان خليفه