Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

آهي، هن واقعي ۾ به انهيءَ ڳالھ جو بيان آهي، بني اسرائيل جي هڪ شخص جو قتل ٿي ويو هيو، ان جو قاتل نه پئي مليو، حضرت موسيٰ عَلَيهِ السَّلَام وٽ مقدمو آيو، سو بني اسرائيل کي هڪ ڳئون ذبح ڪرڻ جو حڪم ٿيو، جڏهن انهن هڪ خاص قسم جي ڳئون ذبح ڪئي ته ان ڳئون جي گوشت جو هڪ ٽڪڙو هن مردي کي لڳايو ويو، ان جي برڪت سان اهو مڙدو زندھ ٿي ويو ۽ ان پنهنجي قاتل جو نالو به ٻڌايو. * اهڙي طرح ٻئي سيپاري ۾ بني اسرائيل جي هزارين ماڻهو مرڻ کان بعد زندھ ٿيڻ جو واقعو آهي. * بلڪه الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيهِ السَّلَام جو مشهور معجزو آهي ته پاڻ مڙدن کي زندھ فرمائيندا هئا. جڏهن حضرت عيسيٰ عَلَيهِ السَّلَام جي هي شان آهي جو الله پاڪ جي عطا سان مڙدن کي زنده ڪري سگهن ٿا ته محبوب خدا، امام امام الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڇا شان هوندي...؟ سندن دعا سان سندن والدين زندھ ٿي وڃڻ ۾ ڪهڙي خلافِ عقل ڳالھ آهي. مطلب ته بيشڪ الله پاڪ جي عطا سان محبوب رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجي والدين ڪريمن کي زندھ فرمايو ۽ انهن کي ڪلمو پڙهايو.

والدينِ ڪريمين کي صحابي بڻائي ڇڏيو!

ٿي سگهي ٿو ڪنهن جي دل ۾ هي خيال اچي رهيو هجي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجي والدين کي زندھ ڪري ڪلمو پڙهايو ته ان جو مطلب هي ٿيو ته اهي حضرات پهريان مسلمان نه هيا؟

معاذالله! ايئن ناهي. رسول رحمت، شفيع اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجي والدين کي زندھ ڪيو، پوءِ انهن کي ڪلمو پڙهايو پر ان جو مقصد انهن کي مسلمان ڪرڻ نه هيو، اهي ته الحمدلله! پهريان ئي کان مسلمان هيا، پنهنجي زندگي مبارڪ ئي ۾ الله کي هڪ مڃڻ وارا، ملتِ ابراهيمي جي پيروي ڪرڻ وارا هيا، سيدي اعلي ٰ حضرت  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا ڪيئي علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: اصل ۾