Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

شَيخِ طريقت، اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪولمبو تشريف کڻي ويا ته اتان جي ماڻهن کي والدِ صاحب سان گھڻو متاثر ڏٺائون۔ ڪولمبو ۾ قيام دوران اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ماسڙ گفتگو دوران سندن کي ٻڌايو ته مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته جڏهن کٽ تي ويهي اوهان جا والد صاحب قصيدهءِ غوثيه پڙھندا هئا ته انهن جي کٽ زمين کان بلند ٿي ويندي هئي.[1]

حج جي سفر ۾ وصال

اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ننڍپڻ جي عمر ۾ ئي هئا ته سندن والدِ محترم 1370 هجري ۾ سفرِ حج تي روانا ٿيا۔ حج جا ڏينهن هئا منٰي ۾ سخت لُو (يعني گرم ھوا جا جهولا)  لڳڻ جي ڪري ڪيئي حاجي سڳورا فوت ٿي ويا هئا، ابو عطار حاجي عبدالرحمن به مختصر علالت (بيماري) کان پوءِ 14 ذوالحِج 1370ھ تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا۔ اِنَّا لِلّٰه واِنّا اِلَيه رَاجِعُوْن

پيارا اسلامي ڀائرو! حاجي عبدالرحمن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري قدر خوش نصيب هئا جو انهن کي حج جي سفر ۾ موت نصيب ٿيو۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو حج جي لاءِ نڪتو ۽ فوت ٿي ويو ته قيامت تائين ان جي لاءِ حج جو ثواب لکيو ويندو[2] هڪ حديث شريف ۾ آهي: جيڪو هن راھ ۾ (يعني حج يا عمري جي لاءِ) نڪتو ۽ فوت ٿي ويو ان جي پيشي نه ٿيندي ۽ نه ئي حساب ورتو ويندو، ان کي چيو ويندو: تُون جنت ۾ داخل ٿي وڃ[3]

طیبہ میں مر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند            سیدھی سڑک یہ شہر شفاعت نگر کی ہے([4])


 

 



[1] تعارف امیرِ اہل سنت،صفحہ:11۔

[2] معجم  اوسط،جلد:4،صفحہ:93 ،حديث:

[3] مسند ابی يعلیٰ ،مسند عائشہ،جلد:4 ،صفحہ:41،حديث:4607 ۔

[4]... حدائقِ بخشش،صفحہ:222۔