Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

سان وابستگي کان پهريان شراب نوشي، عَياشي ۽ هُل هنگامو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، والدين ۽ پاڙيسرين کي تنگ ڪرڻ، جُوا کيڏڻ منهنجو ڏينهن رات جو ڪم هو۔ هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمّيدار اسلامي ڀاءُ اِنفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري۔ ان جي ترغيب تي مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس۔ مدني قافلي جي برڪت سان مان گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري نمازن جي پابندي ڪرڻ وارو، فجر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔[1]

لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو                                     سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو

دل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو                            داغ سارے دُھلیں ، قافِلے میں چلو([2])

    قرآن مع تفسير ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ پاران هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جارِي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Quran with Tafseer (قرآن مع تفسير)۔ هي ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊاؤن لوڊ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآن ڪريم * اعليٰ حضرت، آقاءِ نعمت، اِمامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو لکيل اردو ترجموڪنزالايمان * جديد دور مطابق نهايت آسان اردو ترجمو، ترجموڪنز العرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل، اُردُو جي سڀ کان جديد تفسير تفسير صراط الجنان شامل آهي۔ اوهان ڪٿي به هجو، هن ايپلي ڪيشن


 

 



[1] برکاتِ مکہ ومدینہ، صفحہ:18۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:669 – 672ملتقطًا۔