Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (مون پنهنجي اُمت جي بخشش جي دعا ڪئي هئي، الله پاڪ منهنجي دعا قبول فرمائي ۽ سڄي امت کي بخشي ڇڏيو) جڏهن شيطان کي خبر پئي ته ربّ ڪريم منهنجي سڄي اُمت کي بخشي ڇڏيو آهي ته ان پنهنجي مٿي ۾ مٽي وڌي ۽ هاءِ هلاڪت! هاءِ هلاڪت! چوندي ڀڄي ويو، مان شيطان جي هي بدحواسي ڏسي ڪري مسڪرائي رهيو آهيان.[1]  

اِجابَت کا سہرا، عنایت کا جوڑا          دلہن بن کے نکلی دُعائے مُحَمَّد

اِجابَت نے جھک کر گلے سے لگایا                          بڑھی   ناز   سے   جب   دُعائے   مُحَمَّد([2])

وضاحت: دعاءِ مصطفيٰ جي هي شان آهي جو جڏهن به زبانِ مصطفيٰ مان نڪرندي آهي، قبوليت جو سهرو مٿي تي هوندو آهي، الله پاڪ جي عنايتن سان سجيل، ڪنوار بڻجي نڪرندي آهي ۽ جڏهن بارگاھ اِلٰهي جي طرف وڌندي آهي ته قبوليت پاڻ جهڪي ڪري دعاءِ مصطفيٰ کي ڳلي لڳائيندي آهي.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حديث شريف جي مختصر وضاحت

مشهور مفسر قرآن، حڪيم الامت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ظاهر هي آهي ته هتي اُمّت مان مراد قيامت تائين اچڻ وارا حاجي آهن، هن صورت ۾ دعاءِ مصطفيٰ جي معنيٰ هي ٿيندي: اي الله پاڪ! قيامت تائين منهنجو جيڪو به اُمّتي حج تي اچي، اهو بلڪل بخشيو وڃي، ان جو ڪوبه گناھ باقي نه رهي. الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هي


 

 



[1] ابنِ ماجہ،کتاب المناسک،باب الدعاء بعرفۃ،صفحہ:489،حدیث:3013

[2]... حدائق بخشش،صفحہ:66 بتقدم وتاخرٍ۔