Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
آهن، صوفياءِ ڪرام دين ۾ ايئن سخت هجڻ) حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان سکيو آهي. [1]
(2) فاروق اعظم جي پسنديده عبادت
صحابيءِ رسول حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: 4 ڪم ڪندي وقت مون کي تمام گهڻو مزو ايندو آهي: (1) الله پاڪ جا فرض ادا ڪندي وقت (2) الله پاڪ جي حرام ڪيل ڳالهين کان بچڻ وقت (3) ثواب ماڻڻ جي لاءِ نيڪي جي دعوت ڏيڻ وقت (4) ۽ خوف خدا سبب ماڻهن کي برائي کان منع ڪندي وقت. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو، هيءُ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو پيارو وصف آهي ته کين ديني معاملي ۾ ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه هئي، پاڻ ديني احڪام تي مضبوطي سان عمل ڪندا، الله پاڪ جي منع ڪيل ڳالهين کان بچندا، نيڪي جي دعوت ڏيندا ۽ برائي کان منع ڪندا هئا.
افسوس! اڄڪلھ معاملا ڏاڍا بگڙي ويا آهن. ديني احڪام تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ....!! ديني احڪام ڇا آهن؟ هاڻي ته انهن جي معلومات به تمام ٿورن ماڻهن کي هوندي آهي. هونئن اسان کي گهڻو ڪجھ ايندو آهي. وڏا وڏا ناول پڙهيل آهن. اخبار (News Paper) روزانو پڙهندا آهيون. موبائلن جي به معلومات (Information) آهي. ڪار جو ڪهڙو نئون ماڊل آيو آهي. اڄڪلھ ڪپڙن ۾ نئون فيشن ڪهڙُو هلي رهيو آهي. نئين ٽيڪنالوجي. دنيا جي هر ڪنڊ جون خبرون، سڀ ڪجھ معلوم هوندو آهي، ها! ناهي معلوم ته هي ناهي معلوم ته الله پاڪ مون کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مونکي زندگي گذارڻ جو طريقو ڪهڙو ٻڌايو آهي.