Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

شروع ڪيائون، پڙھندي پڙھندي سوره يوسُف جي آيت نمبر: 84 تي پهتا، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ ابۡیَضَّتۡ عَیۡنٰہُ مِنَ الۡحُزۡنِ فَہُوَ کَظِیۡمٌ (۸۴)  (پارہ12، سوره یوسف:84)

ترجموڪنزُالعِرفان: ۽ يعقوب جون اکيون غم کان اڇيون ٿي ويون ته هُو (پنهنجو) غم برداشت ڪندو رهيو.

جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه اها آيت سڳوري پڙهي ته زارو قطار روئڻ لڳا، روئيندا رهيا، روئيندا رهيا، پوءِ ڪافِي دير بعد رڪوع ڪيائون۔ ([1])

روئڻ سبب ساھه اُکڙجي ويو

انهي طرح حضرت حَسَن رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي: هڪ ڀيري اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه سورت طُور جي آيت: 7 ۽ 8 جي تِلاوت ڪيائون:

اِنَّ عَذَابَ رَبِّکَ  لَوَاقِعٌ ۙ(۷)  مَّا لَہٗ  مِنۡ  دَافِعٍ ۙ(۸)  (پارہ27، سورۂ طور: 7  تا  8)

ترجموڪنزُالعِرفان: بيشڪ تنهنجي ربّ جو عذاب ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي، ان کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي.

 اهي آيتون پڙهي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿيو ۽ اهڙي رِقَّت طارِي ٿي جو روئيندي روئيندي سندن ساھ اُکڙجي ويو ۽ ڪم و بيش 20 ڏينهن تائين سندن اها ئي ڪيفيت رهي۔ ([2])

تِرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                                                                           میں تھر تھر رہوں کانپتا یااِلٰہی([3])


 

 



[1]...کنزالعمال، کتاب:الفضائل، جزء:12، جلد:6، صفحہ:264، حدیث:35828۔

[2]...کنزالعمال، کتاب:الفضائل، جزء:12، جلد:6، صفحہ:264، حدیث:35827۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔