Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                                                                                            نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!

مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل                                                                                                 نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!

 نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

المدينه آن لائن لائبريري

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي مجلس I.T ڏينهو ڏينهن اسان کي عِلمِ دين سکڻ جا آسان ذريعا فراهم ڪرڻ ۾ مَصرُوف آهي۔ سوين ڪتابن ۽ رسالن تي مشتمل المدينه آن لائن لائبريري جيڪا پهريان صرف ڊيڪس ٽاپ ورجن (Desktop version) ۾ هئي، هاڻي ويب ورجن (Wev version) ۾ لائيو (Live) ڪئي وئي آهي۔ المدينه آن لائن لائبريري ۾ مڪتبة المدينه جي مختلف موضوعن (مثلاً قرآن ۽ سُنّت، عقائدِ اسلام، فقه و فتاويٰ، اسلامي