Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
ايئن هر گز ممڪن نه آهي۔
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيارن وصفن مان هڪ وصف هيءُ به آهي ته پاڻ الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر ڪندا هئا. حضرت امام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: کَانَ اَکْثَرُ کَلَامِ عُمَرَ اللہ اَکْبَر يعني حضرت فارق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زبان تي اڪثر اللہ اَکْبَر! اللہ اَکْبَر ! جو ذڪر جاري رهندو هيو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪيون. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لِلّٰہِ الۡاَسۡمَآءُ الۡحُسۡنٰی فَادۡعُوۡہُ بِہَا ۪ (پارہ9، سورۃ الاعراف: 180)
ترجموڪنزالعرفان؛ نهايت چڱا نالا الله ئي جا آهن ته ان کي انهن نالن سان پڪاريو.
مفسر قرآن مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن آيت ڪريمه ۾ الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو آهي ته اي مسلمانو! * توهان پنهنجي دل کي. * پنهنجي اکين کي. * پنهنجي ڪنن کي. * پنهنجي عضون کي ڪارآمد بڻايو! ۽ اهو هن طرح ٿيندو ته * دل ۾ الله پاڪ جي ياد ويهاريو!. * ان جي پيارن پيارن، چڱن، عزت وارن نالن کي سمجهو!. * ڪنن سان انهن نالن کي ٻڌو. *