Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

جڏهن (رقت ۾) افاقو ٿيو (يعني ڪمي آئي) ته ارشاد فرمايائون؛ اي ڪعب وڌيڪ ٻڌايو، عرض ڪيائون؛ يااميرالمومنين! جيڪڏهن جھنم مان ڍڳي جي ناسن جيترو حصو اوڀر پاسي کوليو وڃي ته اولهه پاسي موجود شخص جو دماغ ان جي گرمي جي ڪري ٽهڪي ڪري وهي وڃي، ان تي عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪجھ دير جي لاءِ مٿو جھڪايائون(۽ آخرت جي فڪر ڪرڻ لڳا).[1]

ڪاش اسان کي به خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! مسلمانن جي ٻئين خليفي، قطعي جنتي صحابي عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فڪر آخرت واريون ڳالهيون ٻڌندا هئا ۽ پاڻ فرمائش ڪري ٻڌندا هيا، هاڻي ٿورو غور ڪيو! اسان ڇا ٻڌڻ پسند ڪيون ٿا؟ اسان وٽ ماڻهو ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ جا شوقين آهن. ڪاميڊي ٻڌڻ جا شوقين آهن. اسان کلڻ کلائڻ واريون ڳالهيون ٻڌون ٿا. غفلت وڌائڻ واريون ڳالهيون ٻڌون ٿا. دل تي ڪٽ چاڙهڻ واريون ڳالهيون ٻڌون ٿا، افسوس! افسوس! اسان جي معاشري ۾ غيبت وڏي شوق سان ٻڌي ويندي آهي. پنهنجي مسلمان ڀائرن جون برايون ٻڌڻ ۾ مزو ايندو آهي. سڄي دنيا جون خبرون ٻڌڻ پسند هوندو آهي. ڪاش! اسان کي عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو  فيضان نصيب ٿي وڃي! ڪاش اسان به. فڪر آخرت واريون ڳالهيون ٻڌندا ڪريون. خوفِ خدا واريون ڳالهيون ٻڌندا ڪيون. نيڪيون وڌائڻ واريون ڳالهيون ٻڌون. نعتون ٻڌون. تلاوتِ قرآن ٻڌون. سنتن ڀريا بيان ٻڌون. علمِ دين جون ڳاليهون ٻڌون. حديثُون ٻڌون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  غفلت پري ٿيندي، دل جي ڪٽ لهندي، گناهن کان نفرت ملندي، نيڪيون ڪرڻ جي رغبت نصيب ٿيندي ۽


 

 



[1] حلیۃ الاولیاء،کعب الاحبار،جلد:5 ،صفحہ:404 ،رقم:7529 ملتقطًا۔