Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah
(يعني ڪلينڪ) شُروع ڪري ڇڏي۔ خانداني پيشو ۽ خُداداد قابليت جي بنياد تي دواخانو نھايت ڪاميابي سان هلڻ لڳو. (سوانحِ صدرالشريعه،ص۳۶) (مَعاش جي سِلسلي کان مُطمئن ٿي ڪري) 1329ھ ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي اُستاد حضرت مُحدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ مُرشدِ بَرحق اَعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زيارت جي لاءِ سفر جو ارادو ڪيو۔ حضرت مُحدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ جڏهن پهتا ۽ انهن کي هي معلوم ٿيو ته انهن جو لائق فائق ۽ محنتي شاگرد تدريس (پڙهائڻ) ڇڏي ڪري دواخاني ۾ مشغول ٿي ويو آهي ته بيحَد غمگين ٿيا۔ (ملخص از سيرتِ صدر الشريعه،ص۳۷) (مُحدِّثِ سُورتي سان ملڻ کان بعد) جيئن ته صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اِرادو بريلي شريف حاضِر ٿيڻ جو به هو، بريلي شريف وڃڻ وَقت مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن هڪ خَط اِن مضمون جو اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خِدمت ۾ تحرير فرمائي ڇڏيو هو ته ’’جهڙي طرح ممڪن ٿئي توهان اِن (يعني حضرت صَدرُ الشريعه، بَدرُالطّريقه مفتي محمد اَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) کي خِدمتِ دين ۽ علمِ دين جي طرف مُتوجِّه ڪريو۔“ (تذڪرهء صدر الشريعه،ص۱۲) صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خُود فرمائن ٿا: آئون جڏهن اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيس ته پڇيائون: مولانا ڇا ڪندا آهيو؟ مون عرض ڪيو: طبيب آهيان۔ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: ’’مَطَب به سٺو ڪم آهي، اَلْعِلْمُ عِلْمَانِ عِلْمُ الْاَدْیَانِ وَعِلْمُ الْاَبْدَان (يعني علم ٻه آهن: علمِ دين ۽ علمِ طِب)، ته مَطَب ڪرڻ ۾ هي خَرابي آهي ته صُبح صُبح قارُورھ (يعني پيشاب) ڏسڻو پوندو آهي‘‘ اِن ارشاد کان بعد مون کي قارُورھ (پيشاب) ڏسڻ کان اِنتھائي نفرت ٿي وئي ۽ اهو اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڪشف هو ڇو جو آئون مرض