Faizan e Sadr ush Shariah

Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

انجام ڏيندا هئا۔ پوءِ شھر ۽ بيرونِ شھرجي اڪثر تبليغِ دين جي جلسن ۾ به شرڪت فرمائيندا هئا. (تذڪرهء صدر الشريعه،ص۱۴، ملتقطاً)

حضرتِ صَدرُالشريعه، بَدرُالطّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ان ڀرپور محنت ۽ مضبوط عزم کان اُن دَور جا وڏا عُلماء حيران هئا۔ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڀاءُ حضرت ننّـهي ميان مولانا محمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مولانا اَمجد علي ڪم جي مشين آهن ۽ اها به اهڙي مشين جيڪا ڪڏهن فيل نه ٿئي۔

(تذڪرهء صدر الشريعه،ص۱۷)

مُصنِّف بھی، مُقرِّر بھی، فَقیہِ عصرِ حاضِر بھی

وہ اپنے آپ میں تھا اِک اِدارہ عِلْم و حکمت کا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته جڏهن صَدرُ الشريعه کي 18 سالن تائين اعليٰ حضرت ،امامِ اَھلسنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صُحبتِ بابرڪت ۾ رھڻ جي سَعادت نصيب ٿي ته آسمانِ علم ۽ حڪمت تي اهڙا روشن سِتارا بڻجي ڪري چمڪيا جو وڏا وڏا عُلماء توهان جي عِلميت جا قائل ٿي ويا۔ اللھ عَزَّوَجَلَّ جي صالح ٻانهن جي صُحبت يقينًا باعثِ برڪت هوندي آهي اِنهن دين جي بزرگن جي صحبت ۾ رهي ڪري فڪرِ آخرت، نيڪين جي طرف رَغبت، گُناھن کان نفرت ۽ عِلم وحڪمت جا بي شُمار مدني گُل حاصل ٿيندا آهن، اهي ڏينهن رات آخرت جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي ۽ ٻين جي اِصلاح جي ڪوشش ۾ مَصروف رھندا آهن ،انهن جا دل خوفِ خُدا لبريز ٿي ويندا آهن ۽ اکيون لڙڪ وَهائينديون آهن۔ يقينًا جيڪو شخص انهن نيڪ ماڻهن جي صُحبت ۾ رهندو ته اهي ئي ڪيفيتون ان جي دل ۾ به سَرايت ڪري وينديون۔ اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ