Book Name:Shan e Usman e Ghani
عالَم هي آهي ته ڪجھ ماڻهو ٽي وي تي فلمن ڊرامن جي فُحُش (بهيوده) مَنظرَ، ڪڏهن اڪيلي ته ڪڏهن سڀني گھر ڀاتين جي وِچ ۾ وڏي دِلْچسپي سان ڏسندا آهيون، هاڻي ته مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ گناھ ايتري قدر عام ٿي ويا آهن جو موبائل ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي نه ڄاڻي ڪهڙن ڪهڙن گناهن جو اِرتڪاب با آساني ٿيندو هوندو۔ سوشل ميڊيا جي ذريعي ترقي جي منزلن جي تلاش ۽ دُنيوي معلومات کان خود کي هر وقت اَپ ڊيٽ رکڻ جي سوچ ۾ شايد ڪيترائي ماڻهون گناهن جي سمنڊ ۾ لَهي ڪري پنهنجي قيمتي وقت کي برباد ڪندا هوندا، شادي مُرادي ۽ ٻين گڏجاڻين ۾ بيهودھ فنڪشنز (Functions) جو اِنتظام ڪيو ويندو آهي، جن ۾ مردن ۽ عورتن جو مَيل جَول ۽ کِل ڀوڳ هوندي آهي۔ اڪثر گھر سينما گھرن ۽ اَڪثر بيٺڪون ڳائڻ وڄائڻ جي جڳھن جو منظر پيش ڪري رهيون هونديون آهن، بي پردھ عورتون شرم ۽ حَيا کي پري رکندي گهٽين بازارن جي زِينت بڻجنديون آهن ته مرد به پنهنجي اکين سان حَيا وڃائي ويهندا آهن ۽ اهڙين عورتن کي گُھوري گھُوري ڪري ڏسڻ ڄڻ ته پنهنجو حق سمجھندا آهن۔ الغرض اسان جو مُعاشَرو فَحاشي، عرياني ۽ بي حَيائي جي باھ جي وڪڙ ۾ وڏي تيزي سان اچي رهيو آهي، جنهن جي سبب خاص ڪري نئو نَسْل اَخلاقي طور بَدعملي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي۔ اسان جي مُعاشري ۾ حَيا ختم هئڻ جي سبب ئي اسان سرِعام ناجائز ۽ حرام ڪم ۽ بي شمار گُناھ ڪندي بلڪل نه ٿا شرمايون۔ گار گند ڪرڻ، تُهمت (الزام) لڳائڻ، بدگُماني، غيبت، چُغلي، ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪنهن جو مال ناحق کائڻ، رت وهائڻ، مسلمانن کي بُرن نالن سان سڏڻ، شراب، جُوا، چوري، ڦرلُٽ، سُود ۽ رِشوت جو لَين دَين، ماءُ پيءُ جي نافرماني، اَمانت ۾ خِيانت، غُرُور ۽ تڪبُّر، حَسَد