Book Name:Shan e Usman e Ghani

پيارا آقا، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به هي اِرشاد نه فرمائن ها۔ معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ کان عِلاوه ٻين کان مدد گھُرڻ، انهن کي پنهنجو حامي ۽ مددگار مڃڻ جائز آهي۔ غَيرُالله کان مدد گھُرڻ جي مُتَعَلِّق مزيد معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت ،اميراَهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو رسالو ’’ڪراماتِ شَيرِخدا‘‘ صفحي 56 کان 95 جو مطالعو ڪريو، اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان وَسْوَسي جي ڪاٽ ٿي ويندي۔

غم ہو گئے بے شُمار آقا!

 

بندہ ترے نِثار آقا!

بگڑا جاتا ہے کھیل میرا

 

آقا! آقا! سنوار آقا!

مجبور ہیں ہم تو کیا فکر ہے

 

تم کو تو ہے اِخْتیار آقا!

میں دُور ہوں تم تو ہو مِرے پاس

 

سُن لو میری پُکار آقا!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

پنھنجي مَدفن جي خبر ڏنائون!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي محبوب ٻانهن کي ماڻهن جي مدد ڪرڻ تي قُدرت عطا فرمائيندو آهي، انهي طرح هو رَبُّ الۡعَالَمِيۡن عَزَّوَجَلَّ ان مبارڪ هستين مان جنهن کي چاهيندو آهي علمِ غيب عطا فرمائيندو آهي. منقول آهي ته حضرت سيّدُنا اِمَام مَالِڪ عَلَیۡهِ رَحْمَةُ اللّٰهِ المَلک فرمائن ٿا ته امير المُؤمِنين حضرت سيّدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ ڀيري مديني منوره زَادَھَا اللّٰهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا جي قبرستان ”جنّتُ البَقيع“ جي ان حصي ۾ تشريف وٺي ويا جنهن کي ”حَشِّ ڪَوڪَب“ چيو ويندو هو، پاڻ اتي بيهي هڪ جڳهه تي هي فرمايائون؛ ”عنقريب هتي هڪ شخص دفن