Book Name:Shan e Usman e Ghani

بيان ڪرڻ جون نِيّتون

آئون به نِيّت ڪريان ٿو * الله جي رِضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورة النحل آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث: 4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة [1] يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بي مثال واقعو:

مَنقول آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر بن خَطاب ۽ اَمِيرُالمؤمنين حَضرت سَيّدُنا عُثمَانِ غني رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سرڪارِ والاتَبار، شفيعِ روزِ شُمار صَلَّى اللهُ

 



[1]بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء،باب ماذڪر عن بني اسرائيل،2/462،حديث:3461