Book Name:Shan e Usman e Ghani

v    مالي مُعاوَنت ڪرڻ وارا،صَاحِبُ الۡهجۡرَتَيۡن يعني 2 هجرتون ڪرڻ وارا۔

v    پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن مٺي پاڻي جو چشمو 35,000 هزار دِينارن ۾ خريد ڪري مسلمانن جي سهولت ۽ آساني جي لاءِ راھِ خدا ۾ وقف ڪيو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اسان به اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي نقشِ قدم تي هلندي حِلم (سَهپ) جا پيڪر، سخاوت جا مظهر، نرمي ۽ عاجزي ڪرڻ وارا بڻجون۔ ان سان نه صرف اسان جي اخلاق ۾ بهتري ايندي بلڪه ماڻهن جي دلين ۾ اسان جي مَحَبَّت به پيدا ٿيندي ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ به آساني ٿيندي۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي نقشِ قدم تي هلندي ۽ حسنِ اخلاق جو پيڪر بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوا عَـلَـي الْـحَبِيْـب! صَـلَّـي اللهُ تَعالٰـي عَلـٰي مُـحَـمَّد

مجلس اَلمدينه لائبريري جو تَعارُف:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن جي عالمگير غير سِياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي سُنتن جي خِدمت جي لاءِ ڪم وبيش 97 شُعبه جات ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي۔ آسان انداز سان علمِ دين جي روشني ڦيلائڻ ۽ ماڻهن کي اسلامي تعليمات سان واقف ڪرڻ جي لاءِ ان شعبن ۾ هڪ شُعبو’’المدينه لائبريري‘‘به قائم ڪيو ويو آهي ۔جنهن ۾ مُطالَعي جي لاءِ خُوشگوار ماحول، آڊيو، ويڊيو بيانات ۽ مدني مذاڪرا ٻڌڻ ۽ مَدَني چينل ڏسڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر وغيره جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي۔ المدينه