Book Name:Shan e Usman e Ghani
حضرت اَحمد صاوِي عَلَيہِ رَحمَۃُ اللّٰہ ِالہَادِي ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([1])
﴿5﴾ قُربِ مُصطَفٰي صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِي اللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([2])
﴿6﴾ دُرُود شَفَاعت
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ
شافع امم صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.([3])
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد