Book Name:Shan e Usman e Ghani

ڪيو ويندو۔“ اهڙي طرح ٿوري عرصي بعد سندن جي شهادت ٿي ۽ باغين سندن جي جنازي مبارڪ تي ايتري قدر شور ڪيو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي روضي پاڪ جي ويجھو دفن نه ڪيو ويو، نه جنّتُ البَقيع جي ان حصي ۾ دفن ڪيو ويو جيڪو اَڪابِر صحابه (يعني وڏن صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان) جو قبرستان هو، بلڪ سڀ کان الڳ ”حَشِّ ڪَوڪب“ ۾ سندن جي تدفين ڪئي وئي جنهن جي باري ۾ ڪجهه عرصو پهريون پاڻ ارشاد فرمايو هيو، ۽ هيءَ اهڙي جڳهه هئي جو جتي ڪو ڪنهنجي تدفين جي لاءِ ڪو سوچي به نه سگھندو هو، ڇو ته ان وقت اتي ڪا قبر ئي نه هئي۔

(ریاض النضرۃ،ج ۳، ص۴۱ ملخصاً ، کراماتِ صحابہ ص۹۶، ازالۃ الخفاء ، مقصد دوم، ج۴، ص۳۱۵،ملخصاً)

علمِ غيب ۽ اَولِياء ُالله:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي اَولياء کي اِن ڳالهين جو علم عطا فرمائيندو آهي ته اهي ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪندا ۽ ڪهڙي جڳھ تي سندن قبر بڻجندي؟ ۽ ڪنهن ڪم جي اَنجام ۽ مُستَقبِل جي حالات کي ڄاڻي وٺڻ کي علمِ غيب چيو ويندو آهي۔ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن جيئن اِرشاد فرمايو ائين ئي ٿيو۔ هاڻي ٿورو سوچيو! جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ صحابي، الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا سان غيب جون خبرون اِرشاد فرمائي رهيا آهن ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيتري قدر علمِ غيب سان نوازيو هوندو؟ جيئن ته سيپاري 30 سُوْررةُ التَّڪوِير جي آيت نمبر 24 ۾ اِرشادِ باري تَعَاليٰ آهي:

وَ مَا ہُوَ عَلَی الۡغَیۡبِ بِضَنِیۡنٍ ﴿ۚ۲۴

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ هيءُ نبي(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) غيب ٻُڌائڻ ۾ بخيل نه آهي.