Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat
اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ ٭۽ قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس ٭ پڙهي ڪري دَم فرمائيندا هئا۔ (مسلم،کتاب السلام،باب رقية المریض بالمعوذات والنفث، ص ۱۲۰۵، حدیث:۲۱۹۲)
اَعۡليٰ حَضۡرَتِ، اِمَام اَہلسنَّت، مولانا شاھ اِمَام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه فرمائن ٿا: جائز تعويذ جيڪو قرآنِ ڪريم يا اَسماءِ اِلٰہي (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ جا نالا) يا ٻين اَذڪار ۽ دُعائن مان ہجي، ان ۾ اَصۡلاً (بلڪل ڪو) حَرَج ناهي بلڪه مُسۡتَحَب آهي۔ رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اهڙي ئي مَقام ۾ فرمايو ته ” مَنِ اسْتَطَاعَ مِنْکُم اَنْ یَّنْفَعَ اَخَاہُ فَلْیَنْفَعْہٗ يعني توهان مان جيڪو شخص پنهنجي مُسلمان ڀاءُ کي نَفعو پہچائي سگھي (ته ان کي نَفعو) پہچائي۔“ (مسلم،کتاب السلام،باب استحباب رقیة من العين۔۔۔الخ،ص۱۲۰۸،فتاویٰ افریقہ ،ص ۱۶۸) البته غير شَرعي تعويذات ۽ غير شرعي ڪَلِمات وارو دَم ناجائز آهن جيئن ته اَعَلِيٰ حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه فرمائن ٿا ”اهي مَقصدَ جنهن جي لاءِ تعويذ يا عمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن خِلافِ شَرع هجن، ناجائز ٿي ويندا، جيئن عورتون تَسخِيرِ شوهر (مڙس کي مَغلُوب ڪرڻ) جي لاءِ تعويذ ڪرائينديون آهن، هي حڪمِ شرع جو عڪس آهي (خِلافِ شريعت آهي)، اهڙي طرح تَفريق ۽ عَداوَت (يعني پاڻ ۾ جُدائي وجھڻ ۽ دُشمني پيدا ڪرڻ) جي عَمل ۽ تعويذ جيڪي مَحارِم (رشتيدارن) ۾ ڪيا وڃن، مثلاً ڀاءُ کي ڀاءُ کان جُدا ڪرڻ، هي قَطعِ رَحم (رشتو ٽوڙڻ) آهي ۽ قَطعِ رحم حرام (آهي)، اهڙي طرح زال ۽ مڙس ۾ نِفاق وجھڻ (به حرام آهي)۔ (فتاوی رضویہ ،ج۲۴،ص۱۹۶)
مجلس مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه
اَلحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ في زمانه شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، باني دعوتِ اِسلامي حَضۡرَتِ علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوي دَامَـتْ