Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (ابن عساڪر ج 9 ص 343)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچوته شيخِ طريقت اَميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”163 مَدَني گُل“ مان مُنڊي پائڻ جا ڪجھ اهم مَدَني گُل ٻُڌون ٿا.

منڊي پائڻ جا مدني گل

* مرد کي سون جي منڊي پائڻ حرام آهي ـ * (نابالغ) ڇوڪَر کي سَون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو. * لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي (ترمذي ج 3 ص 305 حديث 1792) * مرد جي لاءِ اها ئي مُنڊي جائز آهي جيڪا هڪ نگيني واري هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي ئي هجي مَرد جي لاءِ ناجائز آهي (ردالمحتار ج 9 ص 597) * بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇَلّو آهي * حُروفِ مُقَطّعَات واري منڊي پائڻ جائز آهي پر حُروفِ مُقطّعات واري منڊي بغير وضو پائڻ ۽ هٿ لڳائڻ يا مصافحو