Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

سان پِيار ڪرڻ، انهن کي ڳلي لڳائڻ، سنّتِ رَسُول اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي۔ (مراٰۃ المناجیح، ۸/۴۱۸)

کیا بات رضاؔ اُس چمنستانِ کرم کی

زہرا ہے کلی جس میں حسین اور حسن پھول

(حدائقِ بخشش)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو ته! اسان به اِن مبارڪ هستين جي مَحَبَّت کي پنهنجي دل ۾ وڌيڪ پُختو ڪرڻ ۽ انهن جي سيرت ۽ ڪردار تي عمل ڪرڻ جي نِيّت سان انهن جو ذِڪرِ خير ٻڌون۔

نالو ۽ ڪُنيَت ۽ لقب

حَسنَين ڪَريمَين مان وڏا حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حَسَن مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن۔ اوهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪُنۡيَت ”ابُو مُحمد“ آهي۔ ۽ لَقب ” تَقي ۽ سَيّد“ جڏهن ته عُرف ”سِبطُ رَسُولِ اللہ “( يعني رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا) آهي، گڏوگڏ سندن کي”رَيحَانَةُ الرَّسُول(رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گُل) به چوندا آهن.

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جَنَّت جي نوجوانن جا سردار آهن، اِمَام حَسَن مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادتِ مُبارَڪه 15 رَمَضانُ المُبارَڪ 3 ہجري تي رات جو مدينهء طيّبه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ ٿي۔ حُضُور سَيّدِ عَالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ستين ڏينهن اوهان جو عقيقو ڪيو ۽ وار جُدا ڪيا ويا ۽ حُڪم ڏنو ته وارن جي وزن جي برابر چاندي صَدَقو ڪئي وڃي۔