Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

پنهنجي زِندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪريون۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽ آخرت ۾ سُرخروئي ۽ ڪاميابي قدم چُمندي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ، گُناہن کان بچڻ ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي ٻارنهن 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارنہن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم پنهنجي عملن جو مُحاسبو ڪندي مَدني انعامات تي عمل ڪرڻ به آهي۔ اسان جا بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام به نه صرف پاڻ فڪرِ آخرت ۾ پنهنجي عملن جو مُحاسبو ڪندا هئا بلڪه ماڻهن کي به ان جو ذِہن ڏيندا هئا، جيئن ته اَمِيرُ المُؤمِنين حَضرَتِ سَيِّدُنَا عُمر فارُوق رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا :''اي انسانو! پنهنجي عملن جو حساب ڪري وٺو، ان کان پهريان جو قيامت اچي وڃي ۽ توهان کان انهن جو حساب ورتو وڃي۔ (حلیۃ الاولیاء ،ج۱،ص۵۶) شيخِ طريقت ،اميرِ اہلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه هن پُرفتن دَؤر ۾ فڪرِ آخرت جو ذِہن بنائڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناہن کان بچڻ جي طريقن تي مُشتمل مَدني اِنعامات بَصُورتِ سُوالات عطا فرمايا آهن۔ اِسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اِسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، اسڪولن، ڪاليجن ۽ جامِعات جي طَلباء جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83، ۽ مدرسةُ المدينه جي مدني مُنّن جي لاءِ 40 مَدَني اِنعامات آهن، اهڙي طرح خُصُوصي يعني گونگن ٻوڙن ۽ نابينا اِسلامي ڀائرن ۽ قيدين