Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

مُفَسِّرِ شَہِير،حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه ان حديثِ پاڪ جي شَرح ۾ فرمائن ٿا: خيال رهي ته حَضرَتِ فاطمه زہرا رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا از سر تا قدم (يعني مٿي کان پيرن تائين) بلڪل هَم شَڪلِ مصطفيٰ هيون۔ ۽ خاتونِ جنت رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي شهزادن يعني حسنين ڪريمين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا ۾ اها مشابہت تقسيم ڪئي وئي هئي، حَضرَتِ اِمَام حسين جي پِني قدم شريف تائين ۽ پيرن جي کُڙي بلڪل حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مشابه هئي، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان قدرتي مشابہت به اللہ تعاليٰ جي نعمت آهي جو پنهنجي ڪنهن عمل کي حضور جي مشابه ڪري ڇڏي ته ان جي بخشش ٿي ويندي آهي، ته جنهن کي خدا تعاليٰ پنهنجي محبوب جي مشابه ڪري، ان جي محبوبيت جو ڇا عالَم هوندو۔ . (مرآۃ جلد8ص480)

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن صَحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي اَہۡلِ بيت ۽ پيارن نَواسن (ڏوهٽن) سان بي انتِہا مَحَبَّت ڪندي ڏسندا هئا ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت جي سبب اهي حضرات به انهن سان مَحَبَّت ۽ شَفۡقَت سان پيش ايندا هئا ۽ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصالِ ظاہري کان پوءِ به سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اہلِ بيتِ اطہار ۽ بالۡخُصوص حَسَنَينِ ڪرِيمَين جو بيحد خَيال رکندا هئا، جيئن ته

صدّيقِ اڪبر جي اِمَام ِحسن سان مَحَبَّت

حَضرَتِ سَيِّدُنَا اَبُوبَڪرصِدّيق رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جڏهن اَمِيرُالۡمُؤمِنِين، خَلِيفَةُ الۡمُسۡلِمِين مُنتَخَب ٿيا ته رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان تَعَلُّق جي