Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

غارت گِري تي لهي ايندا آهن۔ هي مدني ماحول کان دُوري ۽ علمِ دِين جي ڪمي جي سبب ٿيندو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته مدني قافلن ۾ سفرڪري، ہفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪري علمِ دين حاصل ڪريون ته جيئن جہالت جي سبب جيڪي گناھ ٿيندا آهن، اُن کان بچي سگھون۔

قطعِ رِحمي ڪرڻ (رشتو ٽوڙڻ ) وارو مغفِرت کان مَحروم

    فرمانِ مُصطَفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: سومر ۽ خميس تي اللہ تَعاليٰ جي بارگاھ ۾ ماڻهن جا اعمال پيش ٿيندا آهن، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ پاڻ ۾ عَداوت (دشمني) رکڻ وارن ۽ قطعِ رِحمي ڪرڻ وارن کان عِلاوه سڀني جي مَغۡفِرَت فرمائي ڇڏيندو آهي۔         (اَلْمُعْجَمُ الْکبِیر لِلطّبَرانی ج،١ص١٦٧،حدیث:٤٠٩)

حَضرَتِ سَيِّدُنَا اَعۡمش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه کان مَنقُول آهي، حَضرَتِ سَيِّدُنَا عبدُالله ابنِ مَسۡعُود رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ ڀيري صُبح جي وَقت مَجلس ۾ تشريف فرما هئا، اُنهن فرمايو: آئون قاطِع رِحم (يعني رشتي ٽوڙڻ واري) کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جو قسم ڏيان ٿو ته اهو هتان کان اُٿي وڃي ته جيئن اسان اللہ عَزَّوَجَلَّ کان مغفرت جي دُعا ڪريون، ڇو جو قاطِع رِحم(يعني رِشتي ٽوڙڻ واري) تي آسمان جا دروازا بند رہندا آهن۔ (يعني جيڪڏهن اهو هتي مَوۡجُود رهندو ته رحمت نازل نه ٿيندي ۽ اسان جي دُعا قَبول نه ٿيندي۔)  (اَلْمُعْجَمُ الْکبِیر ج ٩ ص١٥٨ رقم٨٧٩٣)

ناراض رشتيدارن سان صُلح ڪري وٺو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪي ٿوري ٿوري ڳالھين تي پنهنجي ڀينرن، ڌيئرن، پُڦين، ماسِين، مامين، چاچين، ڀائيٽن، ڀاڻيجن وغيرہ کان قَطعِ