Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مُحَرَّمُ الحَرام شَرِيف جو بابرڪت مهينو جاري ۽ ساري آهي، ان مُبارَڪ مہيني کي اَہلِ بيتِ اَطہار ۽ اِمَام عالي مَقام، اِمَام تِشنه ڪام سَيِّدُنَا اِمَام حسن مُجتبٰي ۽ اِمَام حُسَيۡن، ڪَريمَين، سَعِيدَين، شَہِيدَين، قَمَرَين، مُنِيرَين، طَيبَين، طَاہِرَين رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن سان هڪ خاص نسبت آهي، اچو ته! انهيءَ حوالي سان حَسنَين ڪَريمَين جي شان ۽ عَظمت جي باري ۾ ٻُڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪريون ٿا۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِنهي ٻنهي شَہزادن سان تمام گھڻي مَحَبَّت فرمائيندا هئا ۽ انہن کي ٿورڙي تڪليف ۾ مبُتلا ڏسڻ پسند نه فرمائيندا هئا۔