Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat
(تاریخ الخلفاء، باب الحسن بن علی بن ابی طالب، ص۱۴۹و روضۃ الشہداء (مترجم)، باب ششم،ج۱،ص۳۹۶)
سَيِّدُنَا اِمَام حَسَنِ مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو، اِمَامُ الانبياء، سَيّدُ الاَسۡخِياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن رکيو۔ مڪمل واقِعو ڪجھ هن طرح آهي ته حَضۡرَتِ سَيّدَتُنا اسماء بنتِ عُميس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جن بارگاھ رِسالَت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اَمَام حَسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادت جي خوشخبري پہچائي۔ (ته) حُضُور پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي آيا ۽ فرمايو ته اسماء منهنجي فرزند کي آڻيو، حَضۡرَتِ ِاسماء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا (اِمَام حسن کي) هڪ ڪپڙي ۾(ويڙهي) حُضور سَيّدِ عَالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ڪيو۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ساڄي ڪن ۾ اَذان ۽ کاٻي ۾ تڪبير فرمائي ۽ حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا مولٰي عَلِيُّ المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کان پڇا فرمايو: توهان ان فرزندِ اَرۡجُمند جو ڇا نالو رکيو آهي؟ عرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي ڪهڙي مَجال جو بغير اِذن ۽ اِجازت نالو رکڻ تي اڳرائي ڪريان، پر هاڻي توهان دريافت فرمايو آهي ته منهنجو خيال آهي ’’حَرب‘‘ نالو رکيو وڃي، باقي اوهان مُختار آهيو، ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن شهزادي جو نالو حَسن رکيو۔ (سوانحِ کربلا ص۹۲ملخصاً)
وہ حسن مُجتبیٰ سیدُ الاسخیاء
راکبِ دوشِ عزّت پہ لاکھوں سلام
(حدائقِ بخشش)
شعر جي وضاحت: اهي اِمَام حسن مجتبٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي سخين جا سردار آهن، جيڪي پنهنجي ناني جان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ڪلهن تي سُوار ٿيندا هئا،اُن جي ذاتِ مبارڪ تي لکين سلام هجن۔