Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

شروع ٿيو ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان ابنِ زياد، ابنِ سَعد، شِمر، قَيس بن اَشۡعَت ڪندي، خَولي ابنِ يزيد، سنان ابنِ انَس نَخعي، عبدالله ابنِ قَيس، يزيد بن مالِڪ ۽ باقي اهي سڀ بد بخت جيڪي حضرت سيّدُنا امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي قتل ۾ شريڪ هئا ۽ ڪوشش ڪرڻ وارا هئا۔ (اهي) طرح طرح جي اَذِيّتن سان قتل ڪيا ويا ۽ انهن جا لاش گهوڙن جي سُنبن سان چِٿرايا ويا۔ (سوانحِ ڪربلا ص 183 ملخصًا)

عبيد الله بن زياد جي هلاڪت

عُبَيدُ الله بِن زِياد يزيد جي طرفان ڪوفي جو والي (گورنر) مقرر ڪيو وي هو. انهي بد نهاد جي حڪم سان حضرت امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ سندن اهلبيت کي هي تمام ايذا ۽ تڪليفون پهچايون ويون. اهو ئي ابن زياد (مقامِ) موصل ۾ ٽيهه هزار (30000) فوج سان ويو. (ڪربلا جي واقعي جي ٺيڪ ڇهه سالن کان پوءِ) مختار ابراهيم بن مالڪ اشتر کي ان جي مقابلي جا لاءِ هڪ فوج ڏئي موڪليو، موصل کان 15 ڪوهن جي فاصلي تي درياءِ فرات جي ڪناري ٻنهي لشڪرن ۾ مقابلو ٿيو ۽ صبح کان شام تائين خوب جنگ ٿي. جڏهن ڏينهن ختم ٿيڻ وارو هو ۽ سج لهڻ وارو هو، ان وقت ابراهيم جي فوج غالب آئي، ابن زياد کي شڪست ٿي (۽) ان جا ساٿي ڀڄي ويا. ابراهيم حڪم ڏنو ته مخالف فوج جو جيڪو به هٿ اچي ان کي زندهه نه ڇڏيو وڃي ۽ تمام گهڻا هلاڪ ڪيا ويا. انهي هنگامي ۾ ابن زياد به فرات جي ڪناري محرم جي 10 تاريخ 67هه ۾ ماريو ويو ۽ ان جي سسي ڪٽي ابراهيم ڏانهن موڪلي وئي، ابراهيم (اها ناپاڪ سسي) مختار