Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam
بيان ڪرڻ جون نِيّتون
آئون
به نِيّت ڪريان ٿو * الله جي رِضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ
بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورة النحل آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ
الۡحَسَنَۃِ
”ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ
جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا
عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة([1]) يعني ”منهنجي طرفان
پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام
جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي
کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي،
انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل
جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني
انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ
ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي مُحَرَّمُ الحَرام جو مهينو آهي ۽ هي اهو مہينو آهي، جنهن ۾ ڪربلا جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ يزيد ۽ يزيدين نواسهء