Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

گناهه ڪرڻ وارو هو. معاذ الله عَزَّوَجَلَّ. ان کان ۽ ريحانه رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان ڪهڙي نسبت؟ اڄ ڪلهه ته بعض گمراهه چون ٿا ته اسان کي ان جي معاملي ۾ ڪهڙو دخل؟ اسان جا اهي (يعني امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) به شهزاده (آهن)، اهي (يزيد پليد) به شهزاده (آهن) ائين بڪڻ وارو مردود، خارجي، ناصبي (يعني پنهنجي سيني ۾ حضرت علي ۽ حسن و حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمْ سان بغض و ڪينو رکڻ وارو آهي ۽) مستحق جهنم آهي.

(بهار شريعت، ج 1، ص 261)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪربلا جو پيغام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينًا جيسيتائين زمين ۽ آسمان جو وجود باقي رهندو، ڪربلا جو واقعو عاشقان صحابه و اهلبيت کي صبر و تحمل، ايثار و قرباني ۽ گلشنِ اسلام جي آبياري جو درس و پيغام ڏيندو رهندو. خفا ڪار و ستم شعار يزيدين جهڙي طرح ۽ بي ديني جو مظاهرو ڪيو يقينًا تاريخ ۾ ان جي مثال نه ملي سگهندي، ان جي باوجود ته گهر جو گهر سڄو لٽيو ويو، ڪئي بيبيون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي ويا، امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جا ساٿي، هاشمي جوان، مسلم بن عقيل ۽ ان جي اولاد، فرزندانِ علي ۽ شهزادگانِ حسنين ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا يزيدي لشڪر جي زهريلي تير ۽ تلوار ۽ نيزن سان زخمي ٿي ڪري وقفي وقفي سان رسول جي نواسي جن جي قدمن تان نثار