Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

اچوته شيخِ طريقت اَميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”163 مَدَني گُل“ مان عمامو شريف ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب ٻُڌون ٿا.

عمامي شريف جون سنتون ۽ آداب

* ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم : * عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ (الفردوس بماثورالخطاب ج 2 ص 265 حديث 3233) * ٽوپي تي عمامواسان ۽ مشرڪن جي وچ ۾ فرق آهي، هر ورَ جيڪو مسلمان پنهنجي مٿي تي ڏيندو ان کي قيامت جي ڏينهن هڪ نور عطا ڪيو ويندو. (الجامع الصغير للسيوطي ص353 حديث 5725)

* عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) * عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي * عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو. (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 330) * جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو ـ (ملخص از فتاويٰ رضويه ج 6 ص 214) * عمامي جا ڇهه طبي فائدا ملاحظه فرمايو: مٿي اگھاڙي رهندڙ جي وارن تي سردي گرمي ۽ اُس وغيره سڌو