Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

تڙپي ان جو موت ٿيو، لاش ۾اهڙي بدبو هئي جو ويجهو وڃڻ مشڪل هو، جيئن تيئن ڪري ان کي دفنايو ويو. (تاريخ ڪربلا، ص 345)

شيخ طريقت امير اهلسنت بانيءِ دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”امام حسين جون ڪرامتون“ ۾ يزيدِ پليد جي انجام جي باري ۾ هڪ ٻيو واقعو نقل ڪندي ارشاد فرمائن ٿا؛ يزيدِ پليد جي موت جو هڪ سبب اهو به ٻُڌايو وڃي ٿو ته هو هڪ رومي نسل جي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويو هو پر اها ڇوڪريءَ اندروني طور تي ان کان نفرت ڪندي هئي، هڪ ڏينهن عياشي ڪرڻ جي بهاني ان يزيد کي پري ويراني ۾ اڪيلو گهرايو۔ اتان جي ٿڌين هوائن يزيد کي بدمست ڪري ڇڏيو، اها نوجوان ڇوڪري اهو چوندي ته جيڪو بي غيرت ۽ ڪمينو پنهنجي نبيءَ جي ڏوهٽي جو غدار هجي اهو منهنجو ڪٿي وفادار ٿي سگهي ٿو، تيز چمڪدار خنجر جا لڳاتار وار ڪري چيري ڦاڙي ان کي اتي ئي اڇلي ڇڏيائين۔ ڪجهه ڏينهن تائين ان جو لاش ڪانوَن ۽ سِرڻَن جي دعوت ۾ رهيو، آخرڪار ڳوليندي ڳوليندي ان جا نوڪر چاڪر اتي پهتا ۽ کڏ کوٽي ان جي ڌپ ڪري ويل لاش کي اتي ئي لٽي آيا۔ (امام حسين جون ڪرامتون، ص 31)

هاڻي ٿورو ان جي قبر جو حال به ٻڌندا هلو. جيئن ته

يزيد جي قبر جو حال

دِمِشۡق جي پُراڻي قبرستان بابُ الصغير کان ٿورو اڳتي يزيد جي قبر جو نشان هو، جنهن تي اڄ کان ڪيئي سال پهريان ماڻهو سِرون ۽ پٿر