Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam
باهه نه ساڙيندي. (بخاري، ج 2، ص 257، حديث 2811) اچو!اوهان جي ترغيب ۽ تحريص جي لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار اوهان کي ٻُڌايان ٿو. جيئن ته
اسی ماحول نے ادنٰی کو اعلٰی کر دیا دیکھو
شاهدره (مرڪز الاوليا لاهور) جي هڪ اسلامي ڀاءَ جي بيان جو خُلاصو آهي، آئون پنهنجي ماءَ پيءُ جو اڪيلو پٽ هئس، گهڻي لاڏ پيار مون کي حد درجي جو ضدي ۽ ماءُ پيءُ جو سخت نافرمان بڻائي ڇڏيو هو۔ سڄي رات اجايو رلندو هوس ۽ صبح دير تائين سمهندو هوس۔ ماءُ پيءُ سمجهائيندا هئا ته انهن کي دڙڪا ڏيندو هوس۔ اهي ويچارا ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندا هئا۔ دعائون گهرندي گهرندي امڙ جون اکيون آليون ٿي وينديون هيون۔ ان عظيم گهڙيءَ تي لک سلام جنهن ”گهڙي“ مون کي دعوتِ اسلامي واري هڪ عاشقِ رسول سان ملاقات جي سعادت ملي ۽ ان محبت ۽ پيار سان انفرادي ڪوشش ڪندي مون پاپي ۽ بدڪار کي مدني قافلي ۾ سفر لاءِ تيار ڪيو۔ جيئن ته آئون عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس۔ نه ڄاڻي انهن عاشقانِ رسول ٽن ڏينهن جي اندر ڇا گهوٽي پياريو جو مون جهڙي ضدي انسان جي پٿر جهڙي دل جيڪا ماءُ پيءُ جي ڳوڙهن سان به نه پگهرندي هئي، ميڻ بڻجي وئي۔ منهنجي دل ۾ مدني انقلاب برپا ٿي ويو ۽ آئون مدني قافلي مان نمازي بڻجي موٽيس۔ گهر اچي مون سلام ڪيو، والد صاحب جا هٿ چميا ۽ امڙ جا به پير چُميا۔ گهر وارا حيران ٿيا! ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي، ڪالهه تائين جيڪو ڪنهن جي